اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ قائدايوان کي ڳالهه نه ڪرڻ ڏني ويندي ته مخالف ڌر اڳواڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري به نه ڳالهائي سگهندا، اسان کي پارلياماني ادب سيکارڻ وارا ٻڌائين ته ميثاق جمهوريت موجب سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي ڇو نه پئي ڏني وڃي، اسٽيِنڊنگ ڪميٽين ۾ مخالف ڌر ميمبرن کي نمائندگي ڇو نه پئي ڏني وڃي، افغانستان جي صورتحال تي اڄ خميس ڏينهن پارلياماني قيادت کي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن کي بريفنگ ڏني ويندي. قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري ، شاهد خاقان عباسي، اسعد محمود ۽ خواجه آصف جي اعتراض واري نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هتي اهو نقطو اٿاريو ويو ته اها بجيٽ پاڪستان جي عوام جي ترجمان نه آهي ته جواب اهو آهي ته قوم جي 172 نمائندن پنهنجي ووٽ سان بجيٽ تي اعتماد جو اظهار ڪيو، ايوان جي واضح اڪثريت ان جي حمايت ڪئي، خواجه آصف ووٽ کي عزت ڏيو جي ڳالهه ڪئي ته اسان اهو چئون ٿا ته ووٽ کي عزت ڏيڻ گهرجي، جيتوڻيڪ حڪومتي بينچن تي ويٺل ماڻهو به عوام جا ووٽ وٺي ڪري آيا آهن، انهن جي ووٽن جو به احترام هجڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن حڪومتي ميمبرن جي ڳالهه ۾ داخل اندازي ٿيندي ته ووٽ جي هڪ طرف عزت نٿي ٿي سگهي، اها ٻه طرفي هوندي، هن چيو ته خطي ۽ افغانستان جي حالتن تي خواجه آصف جي ڳالهه سان اتفاق آهي ان صورتحال جي ڏس ۾ اسان سڄي مخالف ڌر کي پرڏيهي آفيس ۾ گهرايو ۽ ان جي سامهون افغانستان جي صورتحال تي پنهنجو موقف رکيو، هن چيو ته ان تي پنهنجي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي تجويز ڏني، هاڻي ان تي پهرين جولاءِ تي 3 وڳي مخالف ڌر جي پارلياماني اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي، انهن جي سامهون سڄي صورتحال رکنداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو رولز جو حوالو ڏنو، آئون حڪومتي بئنچن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهيان ٿو، اسپيڪر ايوان جو ڪسٽوڊين آهي ان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ پارلياماني روايتن جي خلاف آهي ان جي رولنگ خلاف ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ان کي توهين جو نشانو نٿو بڻائي سگهجي، هن چيو ته ان شيءَ کي سامهون رکي ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم جو لفظ چوندا آهيون ڇا هو ان جو احترام آهي، هتي پارلياماني روايتن جي ڳالهه ڪئي وئي، بلاول ڀٽو ٻڌائي سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي خطاب جو موقعو ڇو نه ڏنو ويو، اهي ڪهڙيون روايتون آهن، سنڌ جو ناڻي وارو وزير بحث سهيڙڻ کانسواءِ هليو ويو، ميثاق جمهوريت ۾ لکيو ويو ته پي اي سي جو چيئرمين مخالف ڌر اڳواڻ هوندو، سنڌ ۾ ايئن ناهي ڪيو ويو، سنڌ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ مخالف ڌر کي نمائندگي ناهي ڏني وئي، هن چيو ته ان بجيٽ کي توهان ڪنهن قانون تحت چئلينج ڪري سگهو ٿا، مخالف ڌر کي طئي ٿيل وقت کان وڌيڪ وقت ڏنو ڏنو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهه نه ڪرڻ ڏني وئي اهي روايتن جي ڳالهه ڪندا آهن، هن چيو ته ڪهڙي نه سٺي ڳالهه هجي ها اهو ٻڌائين ها ته سنڌ ۾ اسان اهي روايتون قائم ڪيون هتي به ڪيو، اهي آئينو ڏيکاريندا آهن پاڻ ناهن ڏسندا. پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جي رٿن تي ان جي ڳالهه ٻڌي وئي، ان جو جواب ڏنو ويو، پوءِ ووٽ ٿيا، انهن ۾ انهن کي شڪست ٿي ان کي تسليم ڪن، اڪثريت جي فيصلي کي تسليم ڪرڻ ئي جمهوريت ۽ ان جو قدر آهي، قوم پوري طرح ڄاڻي ٿي ته ان جي خزاني سان ماضي ۾ ڇا ڪجهه ناهي ٿيو، قوم ڄاڻي ٿي ته اهو 20 ارب ڊالر جو خسارو ڇڏي ويا. غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا نه هجڻ جي برابر هئا، هن چيو ته هن ايوان ۾ اسپيڪر جي جانبداري جي ڳالهه ڪئي وئي، آئون توهان جي حوصلي ۽ صبر کي داد ڏيان ٿو ته اهي پارلياماني روايتن جي ڳالهه ڪندا آهن، اهو ٻڌائين ته مالي بل جي منظوري جهڙي اهم قانونسازي جي موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جا 25 ميمبر غير حاضر ڇو هئا، هن چيو ته هن ايوان ۾ چونڊيل وزيراعظم کي پهرين تقرير نه ڪرڻ ڏني وئي، اسان انهن کي چئون ٿا ته اچو ته گڏجي طئي ڪريون ته اهي حڪومتي بينچن کي ڳالهائڻ ڏيندا ته اسان انهن جي ڳالهه ٻڌنداسين، اهي جيڪڏهن حڪومتي ميمبرن کي عزت ڏيندا ته اسان انهن جي موقف جو احترام ڪنداسين. پر گوڙ ڪرڻ سان جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته اهي اسان کي دٻائيندا ته اها انهن جي ڀل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن قائدايوان کي پهرين تقرير جي موقعي تي نه روڪيو وڃي ها ته اڄ اها نوبت نه اچي ها. هن خبردار ڪيو ته اهي ڪن کولي ٻڌن جيڪڏهن هن ايوان ۾ عمران خان نه ڳالهائيندو ته هتي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ بلاول ڀٽو به نه ڳالهائي سگهندا، جيڪڏهن اهي روايتن تي عمل ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان تيار آهيون، پر جيڪڏهن اهي اسان کي دٻائڻ چاهين ٿا ته اسان نه دٻجنداسين.