اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت خصوصي صلاحڪار جمشيد اقبال چيمه چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻوٽن ۽ سبزين جي پيدوار 30 ڀيرا جڏهن ته اناج جي 80 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان 25 ارب ڊالر جي ماليت جو کير ۽ ڊيري مصنوعات برآمد ڪري سگهي ٿو، زرعي ٽرانسفارميشن پلانٽ پلان ۾ خوراڪ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته پاڪستان خوراڪ برآمد ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي وڃي، آبادگار ڪنوينشن اڄ خميس تي ٿيندو جنهن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سان لاڳاپيل وزير، عملدار ۽ عالمي ماهر به شرڪت ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت زرعي شعبي جي بجيٽ کي گذريل دورن جي مقابلي 1.6 ارب روپين کان وڌائي 62 ارب روپين تائين وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي ويزن موجب ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻايو ويندو، زراعت ملڪ جي ترقي ۾ اهميت رکي ٿي، حڪومت ان جي سڀني شعبن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته خوراڪ جيترو اهم شعبو آهي ان تي ماضي ۾ ايترو ڌيان نه ڏنو ويو. ٻارن جي نشو نما لاءِ خوراڪ انتهائي اهم آهي، موجوده حڪومت اقتدار ۾ ايندئي نه رڳو پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پر شهرين کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ قدم پڻ کنيا، هن چيو ته حڪومت زراعت جي سڀني شعبن جي ترقي تي هڪجهڙو ڌيان ڏئي رهي آهي، هن وقت واٽر ڪنزرويشن ۾ تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. بلوچستان صوبي ۾ گذريل چئن سالن دوران 735 ڊيم ٺاهيا آهن ته جيئن پاڻي جي گهٽتائي کي ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان وٽ 22 ڪروڙ ايڪڙ زمين آهي جنهن مان ساڍا 5 ڪروڙ آباد آهي، وزيراعظم جي ويزن تحت هدف مقرر ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ٻوٽا لڳايا ويندا ۽ غير آباد زمين کي سرسبز ۽ شاداب بڻايو ويندو، زرعي ٽرانسفارميشن پلان ۾ خوراڪ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي. خوراڪ انسانن ۽ جانورن جي لاءِ ضروري آهي، خوراڪ جي پيداوار ۾ اضافو ۽ معيار بهتر ڪرڻ نه رڳو غذائي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو پر روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته وسيلن جو بهتر کان بهتر استعمال ڪرڻ ضروري آهي، هدف مقرر ڪيو ويو آهي ته اسان خوراڪ برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي وينداسين، هن چيو ته موجوده حڪومت منظم ۽ موثر حڪمت عملي تحت زراعت جو رخ بدلجي رهيو آهي، ملڪ ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي پيداوار 30 ڀيرا وڌيڪ جڏهن ته اناج 80 سيڪڙو وڌيڪ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته لائيو اسٽاڪ جي ترقي لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون، جانورن جي نسلن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ به ڪم ڪيو پيو وڃي، ٻاهرين ملڪن کان ڳئون، اسان جي ڳئون کان 6 ڀيرا وڌيڪ کير ڏينديون آهن، اسان وٽ کير مهانگو آهي، اسان کير کي خالص ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ڪنهن وڏي شهر ۾ کير ٽيسٽ کانسواءِ نه داخل ٿيندو. اسان ٽيڻي کير جي پيداوار وڌائڻ وڃي رهيا آهيون، پاڪستان 25 بلين ڊالر جو کير ۽ ان جي مصنوعات برآمد ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان، فاٽا، جي بي ۽ پوٺوهار ۾ ڪيتريون ئي زمينون غير آباد آهن، فاٽا کي 52 ارب ماڻهن جي آبادڪاري لاءِ ڏنا آهن، اترين علائقن ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي پوکي ڪنداسين، سڀ ڊراءِ فروٽ مقامي سطح تي پيدا ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته اسان خوراڪ جي نظام ۾ بهتري آڻي غذائيت جي اعتبار سان اسان ٻين ملڪن جي برابر ٿي وينداسين، هن چيو ته موجوده حڪومت ان شعبي کي ترجيح ڏيندي غذائي تحفظ جو مسئلو حل ڪري رهي آهي، هن چيو ته ٽي سي پي ڪپهه خريد ڪندي، ڪپهه اسان جي ترجيح آهي، حڪومت ڪپهه جي خريداري لاءِ بجيٽ رکيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته 80 سيڪڙو ڪپهه لوڪل مهيا ڪئي وڃي، دنيا ۾ جيڪي وڏيون پوکون آهن انهن کي هتي ننڍو سمجهيو ويندو آهي، هن چيو ته تحقيقي سرگرمين جي فروغ لاءِ 10 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته اڄ خميس ڏينهن ڪنوينشن ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان ۾ سڀني صوبن مان ماڻهو شرڪت ڪندا، وڌيڪ ماهر چين کان اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو سڀ کان وڏي زراعت چين جي آهي اسان چين جي ريسرچ کي ئي آڻينداسين، ٽيڪنالاجي يورپ کان اسان کي آهستي ملندي آهي ۽ چين کان آساني سان ملي ويندي آهي. هن چيو ته زراعت ۾ بهتري جو ڪم صوبن جي ذريعي ڪرڻو آهي. هن چيو ته پنهنجي ڪروڙين جانورن جي موجوده نسل کي وڌيڪ کير ڏيندڙ جانور ۾ تبديل ڪنداسين، حڪومت زرعي ٽرانسفارميشن جي ذريعي خوراڪ ۽ زراعت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان اڄ آبادگار ڪنوينشن زرعي ٽرانسفارميشن جا فائدا ۽ مقصد بيان ڪندو.