اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا دوستاڻا لاڳاپا 70 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آهن ۽ انهن پراڻن لاڳاپن کي ڪا به شيءَ تبديل نه ٿي ڪري سگهي. چين جي سرڪاري ميڊيا ٽي وي (سي جي ٽي اين) کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن لاڳاپن جو تفصيلي ذڪر ڪيو. وزيراعظم عمران خان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪو ڪجهه به ٿيندو، ڀلي اسان تي جيڪو به دٻاءُ وڌو وڃي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته خطي ۾ هڪ عجيب ۽ زبردست طاقت جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ هر ڪو ڄاڻي ٿو، آمريڪا هڪ علائقائي اتحاد جوڙيو جنهن کي ”ڪواڊ“ نالو ڏنو ويو جنهن ۾ ڀارت ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ شامل آهن، تنهن ڪري ان لحاظ کان پاڪستان اهو خيال ڪري ٿو ته اها آمريڪا ۽ ٻين اولهه طاقتن جي ناانصافي آهي ته پاڪستان جهڙا ملڪ ڪنهن جي طرفداري ڪن. وزيراعظم واضح ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان تي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته اهو پنهنجي لاڳاپن ۾ تبديلي آڻي يا چين سان پنهنجي لاڳاپن کي ”ڊائون گريڊ“ ڪري ته ائين نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا تمام گهرا آهن ۽ اهي لاڳاپا نه رڳو حڪومتن پر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قائم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جڏهن به سياسي يا عالمي سطح تي مشڪل جو شڪار ٿيو يا ان کي پنهنجي پاڙيسري ملڪ سان تڪرار کي منهن ڏيڻو پيو ته ان وقت چين سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. هن چيو ته چين جي عوام پاڪستاني عوام جي دلين ۾ خاص مقام رکي ٿي، توهان کي اهڙا دوست ياد آهن جيڪي هر وقت توهان سان گڏ بيٺل رهن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته سٺي وقت ۾ هر ڪو توهان سان گڏ بيٺل هوندو آهي پر توهان کي اهي ماڻهو ياد رهن ٿا جيڪي مشڪل، سخت ۽ بري وقت ۾ توهان سان گڏ بيٺل رهن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي چين جي عوام سان هڪ خاص لڳاءُ آهي. هڪ ٻئي سوال تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏ بيٺل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ عالمي سطح تي لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ وڏو منصوبو آهي جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو اقتصادي مستقبل ان سان واڳيل آهي.