
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هائوسنگ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ مونس الاهي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ريليف ۽ خاص طور تي پٺتي پيل طبقي کي غربت مان ڪڍڻ جي قدمن جي مثبت نتيجن ۽ ترقياتي منصوبن جي ڪري اڪنامڪ گروٿ سان روزگار جي وڌندڙ موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ هائوسنگ واري واري وزارت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.