
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ آءِ ٽي واري وزارت تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي ۽ پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.