APP48-290621 ISLAMABAD: June 29 - Federal Minister for Finance and Revenue, Shaukat Tarin expressing his views on the floor of the National Assembly. APP

اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته 74 سالن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ غريب عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ روڊ ميپ ڏنو ويو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ٽيڪس چورن جي خلاف ڪارروائي لاءِ انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي شق 203 ۾ سڌارا آندا ويا آهن جنهن جي ذريعي ٽيڪس چورن کي گرفتار ڪنداسين، جيستائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 20 سيڪڙو تائين نه آڻينداسين صورتحال بهتر نه ٿيندي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زراعت جي شعبي لاءِ وفاقي حڪومت 62 ارب روپين جي بجيٽ رکي آهي، ان کانسواءِ ڀاڻ تي به سبسڊي ڏني ويندي، ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، واپاري صارفين کان جيڪو سيلز ٽيڪس وصول ڪندا آهن اسان انهن کان اهو سيلز ٽيڪس وصول ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ مالي بل 22- 2021ع تي پهرئين ڳڻپ جي موقعي تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته کيس اميد هئي ته اڄ مالياتي بل ۾ ترميمن تي بحث ٿيندي پر ان جي بدران اسان کي تقريرون ٻڌڻ لاءِ مليون، 74 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ غريب عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ روڊ ميپ ڏنو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، جڏهن 40 لک گهرن کي گهر ملندا، زراعت ۽ ڪاروبار جي لاءِ وياج کان پاڪ قرض فراهم ٿيندا ته هن ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ مخالف ڌر فارغ ٿي ويندي، هن چيو ته ڳڀي، ڪپڙي ۽ اجهي جا نعرا ماضي ۾ به لڳايا ويا هئا موجوده حڪومت ان تي عملدرآمد ڪيو، بجٽ ۾ جيڪي هدف ڏنا ويا آهن اسان انهن کي پورو ڪري ڏيکارينداسين. مهانگائي جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت بنيادي ناڻي واڌ 7 سيڪڙو جي سطح تي آهي جيڪو انهن جي حڪومتي دور ۾ به هو، غذائي ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته ماضي ۾ زراعت تي پئسا خرچ نه ڪيا ويا، زراعت ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري اسان کنڊ، کڻڪ، دالين ۽ ٻين غذائي شين جي درآمد تي پرڏيهي ناڻو خرچ ڪري رهيا آهيون، هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ غذائي شين جون قيمتون 10 سالن جي بلند ترين سطح تي آهن، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي زراعت ۽ زرعي پيداوار کي ترقي ڏيڻي آهي، مالي سال 18 -2017ع ۾ زراعت تي 1.6 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ حڪومت زراعت جي ترقي جي لاءِ 63 ارب روپيا رکيا آهن، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي لاءِ ترتيبوار 100 ارب روپيا اضافي آهن، ناڻي واري وزير چيو ته عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ اسان ٽرڪل ڊائون تي نه ڀاڙينداسين، 40 لک گهراڻن جي آمدني ۾ اضافو ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ٿيندي ۽ چار کان پنج سالن ۾ خوشحالي هوندي، هن چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن پاران آءِ ايم ايف جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن 20 ارب ڊالر جو خسارو ورثي ۾ ملي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي، آءِ ايم ايف سخت شرطن تي معاهدو ڪيو، ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا آئي جنهن ۾ سڄي دنيا جي معيشتن ۾ منفي گروٿ ٿي، تنقيد ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، تنقيد ۾ ايندڙ تجويزن کي اسان ميرٽ تي چيڪ ڪنداسين، هن چيو ته ايف بي آر کي گرفتاري جو اختيار ڏيڻ جو تاثر درست نه آهي صرف سيڪشن 203 ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن، گرفتاري جو اختيار ايف بي آر وٽ نه پر ٿرڊ پارٽي سسٽم جي بنياد تي هوندو جنهن جي هڪ ڪميٽي هوندي جنهن جي سربراهي آئون پاڻ ڪندس، ناڻي واري وزير چيو ته ڄاڻي واڻي ٽيڪس لڪائڻ ۽ ادا نه ڪندڙن کي اسان نه ڇڏينداسين، پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي کوٽ تمام گهڻي آهي ان کي اسان کي وڌائڻو آهي، بجيٽ ۾ اسان ٽيڪسن کي معقول بڻايو آهي، آن لائين ڪاروبار تي ڪو به ٽيڪس نه آهي صرف غير رجسٽرڊ ڪاروبار تي ٻه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، کاڌي پيتي جي شين، پگهادار طبقي لاءِ ميڊيڪل ۽ پينشن تي ٽيڪس جون تجويزون واپس ورتيون ويون آهن، هن چيو ته زراعت ترجيحي شعبو آهي، بجيٽ ۾ ان مقصد جي لاءِ 62، 63 ارب روپيا رکيا ويا آهن، صوبا ان کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري رهيا آهن، ڀاڻ جي لاءِ 70 ارب روپيا ۽ جيت مار دوائن جي لاءِ 30 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ناڻي واري وزير چيو ته ڪپهه تي ڪو به ٽيڪس نه آهي، اسپنرز جڏهن مصنوعات ٽيڪسٽائيل سيڪٽر کي وڪرو ڪندا آهن ته اهو پهريون مرحلو هوندو آهي، صرف ان کي ٽيڪس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح بنولا جو ٻج آبادگار آئل ڪمپني کي وڪرو ڪندا آهن ۽ آئل ڪمپنيون انهن کي ادائيگي ڪنديون آهن، اهي ٽيڪس صرف انهن تي آهي ان کي معقول بڻايو ويو آهي، هن چيو ته هن وقت 18 ٽريلين روپين جو واپار ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه آهي، صرف ساڍا 3 ملين ٽيڪس نيٽ ۾ آهن، اسان کي ان کي چار کان پنج ٽريلين تائين وڌائڻو آهي ان سان روينيو ۾ اضافو ٿيندو. اڻ سڌي ٽيڪسن ۾ اضافي جو تاثر درست نه آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه ٿيندڙ واپار تي ٽيڪس صارفين کان سيلز تيڪس جي صورت ۾ وصول ڪيو پيو وڃي، پر اهو حڪومتي خزاني ۾ نه اچي رهيو آهي، انهن قدمن سان عام ماڻهو تي ڪو اضافي بار نه پوندو. ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر چيو ته ڪنهن به حڪومت جي لاءِ اهو بل سڀني کان اهم قانونسازي هوندي آهي، اسين چاهيون ٿا ته ملڪ ۽ عوام جي وڏن مسئلن جو بجيٽ ۾ ازالو ڪيو وڃي، ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ناڻي واڌ آهي، اڻ سڌي ٽيڪسن بدران سڌي ٽيڪسيشن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها. هن چيو ته ايف بي آر کي فنانس بل جي ذريعي تمام گهڻا اختيار ڏنا پيا وڃن، ان سان ڪاروباري طبقي لاءِ مشڪلاتون وڌنديون، توانائي جي قيمت تي ضابطو آڻڻ بدران پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، چاندي تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر عائشه غوث پاشا چيو ته ناڻي واري وزير جن ڳالهين جو بجيٽ تقرير ۾ ذڪر ڪيو آهي فنانس بل ان جي ابتڙ آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ سيڙپڪاري تي پهرين سال مراعتون واپس ورتيون ويون آهن، ناڻي وارو وزير چئي رهيو آهي ته ڪاروباري ۾ آسانيون پيدا ڪيون وينديون پر ٽيڪس جو نظام مُشڪل آهي، هن چيو ته معيشت بحالي جي مرحلي ۾ آهي، ٽيڪس گذار پريشان آهي ان لاءِ ضروري هو ته ٽيڪس ۾ اضافو نه ٿئي ها پر ان جي ابتڙ پگهادارطبقي لاءِ ميڊيڪل ۽ ٻين سهولتن تي ٽيڪس جي تجويز ڏني آهي، ايس آر اوز کان پارليامينٽ جي بالادستي کي نقصان پهچي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان معاملي تي ڌيان ڏنو. فنانس بل ۾ ٽيڪس دائري جو تعين شعبن ۾ صوبائي ٽيڪسيشن جي اختيارن ۾ مداخلت آهي، بنا نالي واري پراپرٽي تي نيشنل گين ٽيڪس ۽ ورڪرز ويلفيئرز فنڊ صوبائي سبجيڪٽ آهن، شاهده اختر علي چيو ته 57 سيڪڙو ٽيڪس جو بار پگهاردار طبقي تي وڌو پيو وڃي. شاهده اختر علي چيو ته سرڪاري ملازمن جي الائونسسز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ظلم هوندو، نواب يوسف ٽالپر چيو ته زراعت جي شعبي کي رليف نه ڏنو ويو ته معيشت ٺيڪ نه ٿيندي. 1991ع جي سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد نه ٿيڻ آئين جي خلاف ورزي آهي، پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيا پيا وڃن، ارسا ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر علي پرويز ملڪ چيو ته ڪپهه ۽ بنولا تي 17 سيڪڙو سيلز تيڪس سان آبادگارن جو نقصان ٿيندو ۽ ڪپهه جي پيداوار به متاثر ٿيندي، هن مطالبو ڪيو ته سڌي ٽيڪسن جي ذريعي اسان ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ سميت عوام کي رليف ڏئي سگهنداسين. هاشم نوتيزئي چيو ته هر مهيني پيٽروليم مصنوعات ۾ پيٽروليم جي قيمتن م اضافي سان عوام تي بار پوندو آهي، بلوچستان جي ماڻهن جو ڪمائي جو ذريعو پوکي آهي، بلوچستان جي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، بلوچساتن ۾ انٽرنيٽ جي فور جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، سيد خورشيد شاهه چيو ته آئون تلخين جي ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان، بجيٽ تائين محدود رهڻ چاهيان ٿو، نئين ناڻي وارو وزير اسان جو دوست آهي، اسان کي اميد هئي ته ٽيڪس فري بجيٽ هوندو پر 11، 12 سئو ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي معيشت جو دارومدار انگن اکرن تي ناهي هوندي پر معيشت جو اندازو ماڻهن جي طرز زندگي مان لڳايو ويندو آهي، هن چيو ته هي پارليامينٽ هڪ سپريم ادارو آهي، تعليم جو بجيٽ 1.6 سيڪڙو آهي، 1996ع ۾ اهو بجيٽ اڍائي سيڪڙو هو، صحت جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، آن لائين ڪاروبار تي ٽيڪس لڳايا ويا، سڌي ۽ اڻ سڌي ٽيڪسن جي شرح ٻڌائين پوءِ فنانس بل منظور ڪرائين، سڌي ٽيڪس سان ماڻهو سڌو سنئو متاثر ٿيندا آهن، بجيٽ کي عوامي بڻايو وڃي، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر قيصر احمد شيخ چيو ته ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪريون ٿا، هن ايوان ۾ اسيمبلي جي آغاز تي مخالف ڌر اڳواڻ ميثاق جمهوريت جي آڇ ڪئي، ان خواهش کي غلط سمجهيو ويو، ملڪ جي مفاد ۾ سڀ ان تي تيار آهن، سرڪاري ۽ فوجي ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان اضافو ڪيو وڃي، صنعت جي لاءِ زمين سستي اگهن تي ڏني وڃي، قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبر علي وزير چيو ته ضم ٿيل فاٽا جي ضلعن کي ٻين ضلعن جي برابر آڻڻ لاءِ مناسب بجيٽ ناهي رکي وئي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته فلاحي ادارن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ سٺي تجويز آهي تنهن هوندي به ان ۾ پسند ۽ ناپسند نه هجڻ گهرجي. مسلم ليگ (ن) جي خرم دستگير چيو ته هلندڙ سال بجيٽ خسارو 3860 ارب روپين جو آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 20 سيڪڙو تائين وڌندي، هن چيو ته سمورن ٽيڪسن ۾ اڻ سڌي ٽيڪسن جو حصو 70 سيڪڙو آهي، وچولي طبقو پريشان آهي.