اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل تعليم جي فروغ سان واڳيل آهي، وڏين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي صه جي مضمون کي شامل ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي اسلامي تعليم کان روشناس ڪرائڻ آهي، فني تعليم جي ادارن ۾ فراهم ڪيل تربيت کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب يقيني بڻايو وڃي ۽ تعليمي ادارن ۽ مارڪيٽ جي وچ ۾ تعلق کي مضبوط ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي واري سيڪريٽري، تعليم واري سيڪريٽري، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پروفيسر شعيب خان، پروفيسر ناصر خان ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ ۾ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مخلف منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. تعليم واري وزير شفقت محمود وزيراعظم کي تعليم جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمن پاران ملڪ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ٻين جديد علم جي فروغ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو مستقبل تعليم جي فروغ سان واڳيل آهي.