APP25-060221 LAHORE: February 06 – Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Science and Technology Fawad Chaudhry offering Fatiha at residence of Lollywood actor Shaan Shahid who’s mother veteran Pakistani actress Neelo Begum passed away. APP photo by Rana Imran

لاهور – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اداڪار شان جي گهر وڃي سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اداڪاره نيلو هڪ باصلاحيت اداڪاره ۽ فلمي دنيا جو وڏو نالو هئي، فلمي صنعت جي ترقي ۾ هن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سندس لاڏاڻو فن جي دنيا جو وڏو نقصان آهي، پنهنجي فن جي صورت ۾ اداڪاره نيلو زندهه رهندي. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نيلو بيگم هڪ ليجينڊ اداڪاره هئي. کيس لازوال اداڪاره جي طور تي سدائين ياد رکيو ويندو.