APP01-060221 ISLAMABAD: February 06 – Adviser to PM on Interior and Accountability, Mirza Shahzad Akbar addresses a press conference. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد -06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته برطانوي جج چيو آهي ته ڊيلي ميل جي آرٽيڪل مان اهو تاثر ملي ٿو ته شهباز شريف ۽ ان جو خاندان مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي، انهن جي ڪرپشن تي لنڊن جي عدالت مان مهر لڳندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته مريم نواز ۽ مريم اورنگزيب ڪوڙ ڳالهائينديون آهن. شهباز شريف جي ڊيلي ميل خلاف ڪيس جي آن لائين ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران انهن جي آزاد ٿيڻ بابت غلط رپورٽنگ ڪئي وئي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پاناما جي فيصلي وانگر ماضي جي روايتن کي برقرار رکندي مٺايون ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيون. هن چيو ته مريم نواز حقيقتن ۽ انگن اکرن تي ڳالهه ڪري ان جا ڪجهه ماڻهو هدايتون وٺي ۽ ڪجهه جذبات ۾ اچي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. هن چيو ته شهباز شريف وزيراعظم عمران خان، بئريسٽر شهزاد اڪبر، ڊيلي ميل ۽ ڊيوڊ روز خلاف حتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پر هن صرف ڊيلي ميل ۽ ڊيوڊ روز خلاف اها دعويٰ داخل ڪئي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو 50 سيڪڙو پنهنجي دعويٰ کان پوئتي هٽي ويو. شهباز شريف جي ڪيس جي برطانوي عدالت ۾ شروعاتي ٻڌڻي ٿي ۽ عدالت کي فيصلو ڪرڻو هو ته ان ڪيس کي ڪهڙي طرح اڳتي کڻي هلڻو آهي. هن شروعاتي ٻڌڻي ۾ جج کي اهو ڏسڻو هو ته هن آرٽيڪل کي پڙهي عام ماڻهو جي ذهن ۾ ڪهڙو تاثر پيدا ٿيو. برطانوي جج چيو ته ان آرٽيڪل سان عام ماڻهو جي ذهن ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو ته شهباز شريف ۽ ان جو خاندان مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي، عدالت هاڻي ان ڪيس جي ٻڌڻي کي وڌائيندي ۽ ان کان پوءِ حتمي فيصلو ڪندي ته هو مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن يا نه. شهباز شريف جي ناٺي عمران ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن ۾ گهوٻيون هنيون. هاڻي ڊيلي ميل اهو ثابت ڪندي ته آرٽيڪل حقيقتن تي ٻڌل ۽ ان وٽ ان جون شاهديون موجود آهن.