
ملتان -06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت قائم رکڻ لاءِ ۽ ووٽن جي خريد و فروخت هميشه لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ اوپن بيلٽ چونڊ ڪرائڻ چاهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو شفاف نظام آندو وڃي جنهن ۾ ڪرپشن ۽ خريد و فروخت جي بازار بند ٿي وڃي. پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. ٻنهي پارٽين چارٽر آف ڊيمو ڪريسي جي شق 23 ۾ لکيو هو ته سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائي ويندي ۽ هاڻي ٻئي پارٽيون پنهنجي قول تان پوئتي هٽي ويون آهن، اسان ان مقصد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته آئيني تشريح ڪئي وڃي. هن چيو ته قانون سازي لاءِ اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ناهي، پر شفاف نظام جو بنياد رکڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين، پاڪستان جي تاريخ گواهه آهي، سينيٽ جي اڳوڻين چونڊن ۾ تحريڪ انصاف شڪايت ملڻ جي پنهنجي 20 صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان واضح اعلان ڪيو آهي ته ڪرپشن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ اڄ به اسان ان تي قائم آهيون. پي ڊي ايم هڪ طرف حڪومت کي جعلي چوي ٿي ۽ ٻئي طرف سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺي ان جعلي اسيمبلي ۾ اچڻ چاهي ٿي. ملتان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ تقريبن سان خطاب ڪندي هن چيو ته پي ڊي ايم پاڻي جو ڦڙو آهي جنهن مان هوائي نڪري وئي آهي. پي ڊي ايم حڪومت ڪيرائڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ عزت سان واپسي جو رستو ڳولهي رهي آهي ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي مطمئن ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جيترو مرضي لانگ مارچ ڪري، جيترو مرضي احتجاج ڪري. ڦورن سان مفاهمت نه ٿيندي. نواز شريف مودي کي شادي تي گهرائي ڀاڪر پاتو ۽ ڪشميرين سان بغاوت ڪئي، اڄ انهي جي ڌيءَ ڪهڙي منهن سان ڪشمير جو ذڪر ڪري ٿي. ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ڳالهين کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهي وڃي. ڪنهن به صورت ۾ ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کي روڪي سگهجي. عالمي برادري کي درخواست آهي ته مظلوم ڪشميرين کي ڀارتي جارحيت کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.