اسلام آباد -06 فيبروري (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مهانگائي جو مسئلو حل ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيح آهي، ماضي جي غلط پاليسين کي درست ڪرڻ لاءِ قدمن سان عارضي مهانگائي جي صورتحال پيدا ٿي آهي، اسان جو محور پاڪستان جو عوام آهي، موجوده حڪومت جو قرض صرف هڪ هزار ارب رپيا آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف پروگرام کي ٻيهر رستي تي آڻڻ جو اتفاق ڪيو آهي، ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ان حوالي سان اهم پيش رفت متوقع آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت مجموعي قومي پيداوار ۽ معيشت ۾ واڌ جو فائدو عوام کي پهچائڻ تي غور ڪري رهي آهي. حڪومت سماجي تحفظ جي بجيٽ ۾ گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو آهي. اهڙي طرح عوام کي سهولتون ۽ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف سبسڊيز جو ڳاڻيٽو هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اڳوڻن قبائلي علائقن لاءِ 152 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سالياني ترقياتي پروگرام ۾ پٺتي پيل علائقن لاءِ وڌيڪ رقم رکي وئي. هن چيو ته گذريل حڪومت ڄاڻي واڻي ڊالر کي سستو رکڻ جي تباهه ڪندڙ پاليسي اختيار ڪئي جنهن سبب سڄو ملڪ ٻاهر جون شيون خريد ڪرڻ جو عادي ٿي ويو. آمدني واپار وڌي ويو ۽ اڳوڻي حڪومت جي پنجن سالن م روانگي واپار ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو. موجوده حڪومت جڏهن آئي ته اسان کي پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن جو مسئلو درپيش هو. حڪومت روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ تي غور ڪيو ته جيئن اسان وڌ کان وڌ ڊالر ڪمائي سگهون. هن سال 8 لک ٽن کنڊ آمدني واپار ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح پاڪستان داليون ۽ کاڄرو تيل به آمدني واپار ڪري رهيو آهي. ماضي جي حڪومتن زرعي پيداوار تي توجهه نه ڏني. موجوده حڪومت زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. سومر ڏينهن زراعت جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ زراعت جي حوالي سان مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته حڪومت پنهنجا خرچ گهٽ ڪيا آهن، پگهارن ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو. سڀني ادارن جي خرچن کي گهٽ يا منجمند ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ناهي ورتو، حڪومت ضمني گرانٽ تي پابندي لڳائي آهي.