APP34-060221 ISLAMABAD: February 06 - Delegation of Parliamentarians call on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي فروغ، ٻيلن ۽ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم سان سيفران واري وزير صاحبزاده محبوب سلطان، اسيمبلي ميمبرن ميان شفيق آرائين، ملڪ عمر اسلم، محمد عامر سلطان، پرنس نواز الائي، حيدر علي خان، پنجاب جي صوبائي وزير سردار آصف نڪئي، ايم پي اي زبير احمد هتي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. ان موقعي تي ميمبرن جي گذارش تي وزيراعظم سوات موٽروي جي وڌيڪ توسيع جي پڻ خاطري ڪرائي. اجلاس دوران ميمبرن جي تڪن جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صاحبزاده محبوب سلطان جي گذارش تي جهنگ ۾ نئين ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي تعمير ۽ شفيق آرائين جي گذارش تي لوڌران باءِ پاس جي تعمير جي خاطري ڪرائي.