اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين جي منزل هاڻي وڌيڪ پري نه آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ملڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، ڀارت جيڪڏهن مخلص آهي ته اسان امن جي لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌڻ جي لاءِ تيار آهيون پر ڪنهن کي به اسان جي امن ۽ استحڪام جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري سمجهڻ جي غلط نه ڪرڻ گهرجي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي عالمي برادري به تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير تي پنهنجي غاصباڻي قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جي آزادي جي جذبي ۽ خودمختياري واري حق لاءِ انهن جي جدوجهد کي ڪمزور نه ڪري سگهيو ۽ هاڻي ڪشميرين جو نئون نسل انهن جي جدوجهد کي هڪ نئين عزم ۽ ولولي سان گڏ اڳتي وڌي رهي آهي.