APP57-050221 MUZAFARABAD: February 05 - President Dr. Arif Alvi addressing the Azad Jammu and Kashmir Legislative Assembly. APP

اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشمير تڪرار حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر نه ٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي ٿو، عالمي برادري ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪي، ڪشمير رڳو علائقي ۽ آبادي جو نه هاڻي اصولن جو معاملو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، والاريل ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسلسل قربانيون ڏئي رهي آهي، ڪشمير معاملي تي پاڪستان جي سياسي قيادت سدائين يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جي رياست جي موقف سان ڪشمير جي عوام جون اميدون واڳيل آهن، پاڪستان ڪشميرين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته هندستان جي ورڇ جي وقت ڪشمير جي معاملي تي ڊوگرا راڄ سازش ڪئي ۽ ڪشمير کي ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڀارت جنگبندي جي لاءِ پاڻ گڏيل قومن وٽ ويو، ان وقت گڏيل قومن کان وڏيون اميدون واڳيل هيون پر بعد ۾ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل انڪار ڪيو. گڏيل قومن ڪشميرين کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي قراردادون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جو ڀارتي منصوبو خطرناڪ آهي، ڀارت 33 لک غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن، جنهن جو مقصد آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ تي پابندي لڳائي پنهنجي ظلم کي لڪائي نه ٿو سگهي.