اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي انسانيت جي خلاف سنگين ڏوهن تي ان جو محاسبو ڪري، ڀارت خطي جي سلامتي لاءِ نقصانڪار هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڪاررواين ۽ والاريل ڪشمير ۾ آر ايس ايس جي هندوتوا ايجنڊا لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ڪنجي آهي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستاني عوام اڄ جي ڏينهن پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي مسلسل جدوجهد تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪري ٿي. ڀارت 5 اگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ ۽ والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم کنيو. خودمختياري جو حق، گڏيل قومن جي چارٽر سان گڏوگڏ انساني حقن جي سمورن وڏن معاهدن ۾ موجود بنيادي حقن مان هڪ آهي. غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير ۾ محڪوم ڪشميرين جي ان حق کان انڪار انساني وقار جي نفي آهي. ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود سڀ کان پراڻي تڪرارن مان آهي. اهو تڪرار ڀارتي هٺ ڌرمي، واعدن جي پاسداري کان انڪار، بنيادي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي بي توقيري جي ڪري حل نه ٿي سگهيو. ڀارتي قابض فوج غيرانساني محاصري، مواصلات جي بندش، سرچ آپريشنز، جعلي مقابلن، ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهون قتل، پيلٽ گنز جي استعمال ۽ گڏيل سزائون ڏيڻ سان بيگناهه ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري رکيو آهي.