اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت آبادگارن جي خوشحالي ۽ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، تمام جلد آبادگارن جي لاءِ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي زرعي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرگوڌا سان تعلق رکندڙ اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اسامه غياث ميله، انصر اقبال هرل ۽ ميجر جنرل (ر) سليم ميله شامل هئا. وزيراعظم جو خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پارٽي جي معاملن، عوام کي درپيش مسلئن جي حل، فلاحي ۽ ترقياتي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.