اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ۽ وچن کي ورجائڻ جي ڏينهن به مريم نواز عمران خان جي بغض ۾ مبتلا رهي، هي عمران خان جي دشمني ۾ انڌا ٿي چڪا اهن، انهن کي نه ته ڪشمير ڪاز سان دلچسپي آهي ۽ نه ئي ملڪي مفاد عزيز آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته قومي مفاد تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ انهن جو سدائين کان شيوو رهيو آهي.