APP74-010221 ISLAMABAD: February 01 – President Dr. Arif Alvi addressing the inaugural session of 51st Asia Pacific Advanced Network Meeting at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڊيجيٽل رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان معاشي استحڪام سميت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي اهتمام هيٺ 51 هين ايشين پيسيفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ڊيجيٽل ڪميونيڪشن اهميت رکندڙ آهي جڏهن ته ڪورونا وبا دوران ان جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هن اها تقريب منعقد ڪرڻ تي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين معاون ادارن کي ساراهيو. ان تقريب ۾ 500 جي لڳ ڀڳ شرڪت ڪندڙن حصو ورتو. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي هدايت ڏيڻ جي ڏس ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي پڻ ساراهيو. هن چيو ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ اهم آهي. پاڪستان انساني سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي گهڻ رخي حڪمت عملي طئي ڪئي آهي، جنهن جي لاءِ 2003ع ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن سيڪٽر جي لاءِ ٺوس لبرل پاليسي اختيار ڪئي وئي.