
اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگارن جي سهولت لاءِ بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان جتي آبادگارن کي بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي ممڪن ٿيندي اتي بجلي جي مد ۾ ٿيندڙ نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عمران خان پاور ڊويزن ۽ صوبائي حڪومت کي ان منصوبي تي عملدرآمد جي حوالي سان ٺوس پلان ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ منصوبي جي حوالي سان ٽائيم لائينز تي ٻڌل روڊ ميپ جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران ٽيوب ويلن جي مد ۾ اربين رپين جي سبسڊي ڏيڻ باوجود به جتي آبادگار مشڪلاتن جو شڪار آهن اتي گردشي قرضن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، بجلي جي مد ۾ ٿيندڙ نقصانن جو خميازو بلوچستان ۽ پوري ملڪ جي عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي تنهن ڪري ترجيحي بنيادن تي ان مسئلي جي حل کي يقيني بڻايو وڃي.