APP06-24 NEW YORK: September 24 - Prime Minister Imran Khan meets President of Iran H.E. Hassan Rouhani on the sidelines of 74th UNGA Session. APP

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايران جي صدر حسن روحاني سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ ايران سان بهتر پاڙيسري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن ۾ تعاون وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو.