APP02-24 ISLAMABAD: September 24 – President Dr. Arif Alvi chairing a briefing on Polio Eradication by Prime Minister’s Focal Person Babar Bin Atta at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جي موذي مرض جي خاتمي لاءِ ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، اهو قومي وقار ۽ سلامتي جو معاملو آهي جنهن ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪري سگهجي، اسان کي گڏجي ڪميونٽيز جي مخالفت ختم ڪرڻي پوندي. هو پوليو جي روڪٿام بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن بابر بن عطاءُ صدر کي تفصيلي بريفنگ ڏني.