APP05-24 NEW YORK: September 24 - Prime Minister Imran Khan meets President of Turkey H.E. Recep Tayyip Erdogan on the sidelines of 74th UNGA Session. APP

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي سمورن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ان عزم جو ورجاءُ گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ يو اين جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو.