APP33-05 ISLAMABAD: July 05 - Prime Minister Imran Khan addressing at the Launching Ceremony of National Poverty Graduation Initiative, at PM Office on Friday. APP

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته محروم ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ رياست مدينه جي تصور احساس جي پيروي ڪندي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ ”احساس پروگرام“ جو آغاز ڪيو آهي ڇو ته احساس کانسواءِ ڪا به قوم مهذب نٿي بڻجي سگهي، نئون پاڪستان اهو هوندو جيڪو ماڻهن کي غربت مان ڪڍندو، ماضي جي حڪمرانن غريبن جو احساس نه ڪيو، عوام جي پئسن سان پرڏيهي دورا ڪندا رهيا، قوم قرضي ٿيندي رهي ۽ انهن جا اثاثا وڌندا رهيا، بنا نالي جي جائيدادن مان حاصل ٿيندڙ رقم کي غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيو ويندو، هن اها ڳالهه قومي سطح تي غربت ۾ گهٽتائي آڻن جي پروگرام ”نيشنل پاورٽي گريجوئيشن قدم“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.