APP67-19 ISLAMABAD: March 19 - President Dr. Arif Alvi being briefed on water issues by Secretary Water Resources Irfan Ali and Chairman WAPDA Lt. Gen. (Retd) Muzammil Hussain. APP

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان وڏي مقدار ۾ زميني ۽ زير زمين پاڻي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي ۽ اهو دنيا ۾ سڀ کان وڏو آبپاشي نظام رکندڙ آهي جڏهن ته موثر پاليسيون ۽ مئنيجمينٽ جي کوٽ جي ڪري ان کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري عرفان علي ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين پاران ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران چئي.