APP60-19 ISLAMABAD: March 19 – Director General BelTA Ms. Irina Akulovich and MD APP Qamarullah Chaudri signing the documents of MoU at APP Headquarters. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) بيلاروسيئن ٽيلي گراف ايجنسي (بيلٽا) جي ڊائريڪٽر جنرل ايرينا اڪلووچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ويجها ميڊيا رابطا ٻنهي ملڪن جي ثقافت ۽ معيشت جي لاءِ گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ بيلاروس جي سفير اينڊري ارمولووچ سان گڏ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر قمرالله چوڌري سان ملاقات دوران ڪيو.