APP68-19 ISLAMABAD: March 19 - President Dr. Arif Alvi talking to Chairman Senate Muhammad Sadiq Sanjrani and Senator Dilawar Khan, who called on him. APP

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سينيٽ آئين جي حقيقي خاڪي جو آئينه دار آهي جتي سينيٽ جا ميمبر پارٽي وابستگي کان مٿانهون ٿي خدمتون انجام ڏيڻ ۽ قومي ۽ عوامي دلچسپي جي معاملن تي قانونسازي ڪن ٿا. هن اها ڳالهه سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.