APP76-19 ISLAMABAD: February 19 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on steps to enhance revenue collection by FBR at PM Office. APP

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي ٽيڪس ڏيندڙ جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس باقيدارن ۽ ٽيڪس چورن کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته باقاعدگي سان ٽيڪسز ادا ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ بدران ٽيڪس چورن ۽ باقيدارن تي ڌيان ڏنو وڃي، ٽيڪس چور قوم ۽ ملڪ جا دشمن آهن، انهن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه ملڪ ۾ رهتون گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ کنيل حڪومتي قدمن جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.