اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ترڪي سان مضبوط ٻه طرفا لاڳاپا آهن جنهن تي سياسي نظام ۾ تبديلي جو ڪو اثر نه پوندو، وقت سان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياست، دفاع، تعليم ۽ واپار جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا، اناطالويه نيوز ايجنسي کي پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خصوصي نوعيت جا ۽ انتهائي مضبوط لاڳاپا آهن جيڪي ورثي، ثقافت ۽ مذهب جي بنياد تي قائم آهن. صدر چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا ۽ منهنجي خيال ۾ نظام يا دنيا ۾ ڪنهن به طرح جي تبديلي سبب ان تي اثر نه پوندو.