APP01-10 ISLAMABAD: July 10 – Federal Minister of Law and Justice Syed Ali Zafar addressing during a seminar during a consultation on Minority Rights, Freedom of Religion or Belief ‘Faith for Rights’. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته انتهاپسندي جا وڏا سبب تعليم جي گهٽتائي، غربت، وڌندڙ آبادي ۽ مذهبي عدم برداشت آهن ۽ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هو انساني حقن بابت قومي ڪميشن پاڪستان جي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سيد علي ظفر چيو ته ڪنهن به رنگ نسل سان تعلق هجي، رياست ۾ سڀ برابر آهن، مذهب جي نالي تي انتهاپسندي پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي. هن چيو ته اسان کي شدت پسندي کي انسانيت سان نه ڳنڍڻ گهرجي.