اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪ ۾ پاڻي ۽ بجلي جي شعبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي واپڊا جي منصوبن خاص طور تي ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ديامير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيمن جي منصوبن تي ڪم مالي سال 19 – 2018ع دوران شروع ٿي ويندو. ديامير ڀاشا ڊيم ۾ 8.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ ان منصوبي سان 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.