اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ توانائي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ايندڙ حڪومت جي لاءِ توانائي جي شعبي جي حوالي سان بهتر تجويزون ۽ سفارشون ڏئي وينداسين، گردشي قرض به توانائي جي شعبي جو هڪ وڏو مسئلو آهي، گردش قرضن جي خاتمي، متبادل ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ ٻين معاملن جي لاءِ ماهرن جي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ ۾ فرق 5 کان 6 هزار ميگاواٽ آهي، بجلي جي پيداواري صلاحيت 20 کان 21 هزار ميگاواٽ جڏهن ته پيداوار 18 هزار ميگاواٽ آهي، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پيداوار تي ڌيان ڏنو پر ٽرانسميشن لائينن جو نظام بهتر بڻائڻ تي ڌيان نه ڏنو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر عبدالقيوم جي رٿ تي بحث سهيڙيندي ڪيو.