APP28-09 ISLAMABAD: July 09 – Chairman Pakistan Tehreek-e-Insaf Imran Khan unveiling party manifesto for General Election 2018. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي عام چونڊن لاءِ پنهنجي پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي، ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي ترقي، پاڻي، صحت، تعليم، پرڏيهي پاليسي، دفاع، بدعنواني جي خاتمي ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن سميت ٻين شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. پارٽي منشور جو اعلان ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه واحد صوبو آهي جتي بلدياتي ادارن کي اختيار منتقل ڪيا ۽ ترقياتي فنڊن جو 30 سيڪڙو حصو رکيو ويو. پوليس کي غيرسياسي بڻايو ۽ اهليت جي بنياد تي پيشيواراڻو نظام لاڳو ڪيو. صحت جي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪيو، 70 سيڪڙو مستحق خاندان کي صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيا ويا ۽ اسپتالن ۾ 5 هزار بسترن جو اضافو ڪيو.