
اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين نگران وفاقي ڪابينا جي وڌيڪ 2 وزيرن کان سندن عهدي جو حلف ورتو. حلف کڻندڙ وزيرن ۾ ميان مصباح الرحمان ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد نعيم لوڌي شامل آهن. حلف برداري واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ، نگران وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.