APP24-27 ISLAMABAD: June 27 – Federal Minister for IBNH&LH Barrister Syed Ali Zafar talking to media persons during inauguration ceremony of Educational Expo at Pak-China Friendship Center. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته عام چونڊون 25 جولاءِ 2018ع تي ئي ٿينديون، نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائيندي جنهن جو ماضي ۾ به مثال نه هوندو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ نجي ميڊيا گروپ پاران ايجوڪيشن ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.