اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان کي فون ڪري ترڪيءَ جي صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته جديد ترڪيءَ جي تاريخ ۾ اهو هڪ اهم موڙ آهي جنهن سان ايندڙ ڏينهن ۾ ترڪيءَ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر وڌيڪ تيز ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ترڪي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ پنهنجي فعال جمهوريت جي ڪري رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو.