APP43-27 PESHAWAR: June 27 - Prime Minister Justice (R) Nasir-ul-Mulk chairs briefing on law and order at Governor House. APP

پشاور – 27 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ اداراجاتي ڍانچو جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت علائقي جي رهواسين کي سهولتون ڏيڻ ۽ تبديلي جي عمل جي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد سان ڪم ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جسٽس (ر) دوست محمد خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه، خيبرپختونخواهه جي انسپيڪٽر جنرل پوليس، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ سينيئر وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.