اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) 43 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو، صدر ممنون حسين 27 وفاقي وزيرن ۽ 16 مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو، حلف برداري جي پروقار تقريب جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به تقريب ۾ موجود هو، نئين وفاقي ڪابينا ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪابينا جا تقريبن ميمبر شامل آهن تنهن هوندي به انهن ۾ 5 نون وفاقي وزيرن جو اضافو ٿيو آهي.