اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي نئين ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ 27 وفاقي وزيرن ۽ 16 مملڪتي وزيرن سميت 43 ميمبرن شرڪت ڪئي، شاهد خاقان عباسي پهرين آگسٽ تي ملڪ جي 28 هين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو.