اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي جي بحالي قومي خدمت ۽ ذميواري آهي، هاڻي اسان کي اڳ کان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو آهي. ريلوي هيڊڪوارٽر ۾ اداري جي پرنسپل آفيسرن جي اجلاس ۾ ريلوي واري وزير ترجيحن جي ايجنڊا پيش ڪئي. خواجه سعد رفيق چيو ته وقت گهٽ ۽ ڪم وڌيڪ آهي، سندس ترجيحن ۾ ريلوي ملازمن جو نئون سروس اسٽرڪچر، ريلوي ورڪشاپس، پپري مارشلنگ يارڊ، واشنگ لائينز، ريلوي اسٽيشنن ۽ ڪوچز جي اپ گريڊيشن، ريلوي زمينن جي ڪمپيوٽرائيزيشن جي تڪميل، سبي هرنائي سيڪشن ۽ ڪوهاٽ پنڊي ريل ڪار جي بحالي، گاڏين جي ڊرائي ڪليننگ، حادثن جي روڪٿام جي نظام جو لاڳو ۽ گوادر ۾ ريلوي جو نظام قائم ڪرڻ شامل آهي.