اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي باني اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن سڄي زندگي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سندس زندگي قرباني ۽ ثابت قدمي جي علامت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيد علي گيلاني جي چوٿين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته سيد علي گيلاني جي زندگي قرباني ۽ ثابت قدمي جي علامت آهي. سندس ذات حق ۽ انصاف تي يقين رکندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سيد علي گيلاني جي عزم ۽ جرئت کي ڪمزور نه ڪري سگهيا. سندس موقف ڪشميري عوام کي آزادي جي جدوجهد تي ثابت قدم رکيو. پاڪستان سيد علي گيلاني ۽ ڪشميري عوام جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته علي گيلاني جو رت آزادي جي تحريڪ کي سدائين زندهه رکندو ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جو ڪيس هر فورم تي اٿاريندو رهندو. ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. آصف علي زرداري چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد علي گيلاني جا درجا بلند فرمائي.