اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي باني اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سان سندس لازوال محبت پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي ۽ ڪشميرين سان اسان جي روحاني ۽ دلي تعلق جي علامت آهي، سيد علي گيلاني پنهنجي زندگي ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس زندگي ڪشميرين جي لاءِ ظالماڻي ڏاڍ جي خلاف مزاحمت جي علامت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سيد علي گيلاني جي چوٿين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران سيد علي گيلاني جي ڪشمير جي لاءِ بي مثال جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. سيد علي گيلاني پنهنجي سياسي بصيرت ۽ معتبراڻي قيادت سان ڪشمير ۽ ڪشميرين جي آواز کي تاريخ ۾ زندهه رکيو ته جيئن انهن جو آواز دنيا جي ايوانن تائين پهچي سگهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي پاڪستان سان لازوال محبت پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي ۽ ڪشميرين سان اسان جي روحاني ۽ دلي تعلق جي علامت آهي. سندس چوڻ هو ته سيد علي گيلاني پنهنجي زندگي ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس زندگي ڪشميرين جي لاءِ ظالماڻي ڏاڍ جي خلاف مزاحمت جي علامت آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي سياسي تعليم ڪشميرين جي نسل جي لاءِ خودمختياري جي حق کان آگاهي ۽ جدوجهد جي ميراث آهي. ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ سيد علي گيلاني جو اهو نعرو اڄ به ڪشميرين جي زبانن تي ڀرپور انداز سان جاري ۽ ظالم جي دل ۽ دماغ تي طاري آهي.