اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغانستان ۾ زلزلي جي متاثرين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي ۽ متاثر خاندانن جي حوصلي جي لاءِ دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.