اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گهرو وزير هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل پائليٽ ميجر عاطف ۽ ميجر فيصل  سميت عملي جي 5 ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. محسن نقوي شهيد ميجر عاطف، ميجر فيصل، نائب صوبيدار مقبول، حوالدار جهانگير ۽ نائڪ عامر جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حادثي ۾ شهيد ٿيل جوانن فرض جي ادائگي دوران شهادت جو بلند رتبو ماڻيو، اسان شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. گهرو وزير شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.