تيانجن– 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ جامع ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سڀني پاڙيسري ملڪن سان معمول جا لاڳاپا چاهي ٿو، امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ايس سي او ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪوششُون جاري رکنداسين، ايران خلاف اسرائيل جي ناحق جارحيت قابل مذمت ۽ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ جاري ظلم ۽ بک اسان جي اجتماعي ضمير تي هڪ نه ڀرجندڙ زخم آهي، اسان ظلم ۽ خونريزي جي فوري خاتمي جي پنهنجي مطالبي کي ورجايون ٿا، پاڪستان شديد برساتن، گلوبل وارمنگ، ڪڪر ڦاٽڻ ۽ تباهي ڪندڙ ٻوڏ کي مُنهن ڏيئي رهيو آهي، اسان عالمي برادري، خاص طور تي چين جي تعاون جي تعريف ڪريون ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن سومر تي چين جي شهر تيانجن ۾ منعقد 25 هين ايس سي او سربراهن جي رياستي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم تيانجن ۾ هجڻ تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته تيانجن چين جي بنيادي قدرن جي نمائندگي ۽ تهذيبن ۽ ثقافتن لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان تيانجن ۾ انهيءَ جذبي جي تجديد لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته آئُون شاندار مهمان نوازي ۽ ڀرپُور انتظامن تي چين جي صدر ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. هن ازبڪستان ۽ ڪرغزستان کي انهن جي آزادي جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ايس سي او علائقائي تعاون ۽ انضمام جي فروغ جي پاڪستان جي ڊگهي عرصي کان جاري وابستگي جو عڪاسي آهي. چين جي ڪاميابي صدر شي جن پنگ جي دانشمنداڻي ۽ ڏاهپ ڀري قيادت جو مظهر آهي، چين جي عالمي قيادت نه رڳو ايس سي او ۾ پر ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي فورمن ۽ نمايان قدمن ۾ به نظر اچي ٿي. هن چيو ته پاڪستان سدائين گهڻ طرفي ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي طاقت تي يقين رکي ٿو. ڪنهن به ملڪ لاءِ خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کان وڌيڪ ڪجهه به اهم ناهي. پاڪستان ايس سي او ميمبرن ۽ پاڙيسري ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني عالمي ۽ ٻه طرفي معاهدن جو احترام ڪريون ٿا. معاهدن مُوجب پاڻي تائين بنا رڪاوٽ پُهچ ايس سي او جي مقصدن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. هن سڀني پاڙيسري ملڪن سان معمول جي لاڳاپن جي پاڪستان جي خواهش کي ورجائيندي چيو ته اسان معمول جي لاڳاپن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جا منتظر آهيون. اسان امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ايس سي او ميمبر ملڪن سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ جامع ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ ايس سي او جي چارٽرز تي عمل ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم ايران تي اسرائيل جي هروڀرو جي جارحيت کي قابل مذمت ۽ ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته سمورا پراڻا مسئلا جامع ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، غزه ۾ جاري ظلم ۽ بک اسان جي اجتماعي ضمير تي هڪ نه ختم ڀرجندڙ زخم وانگر آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن پاران منظور ڪيل ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو، غزه ۾ جاري ظلم ۽ بک اسان جي ضمير تي بار آهي، ۽ اسان ظلم ۽ خونريزي جي فوري خاتمي جي پنهنجي مطالبي کي ورجايون ٿا. هن دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتها پسندي کي پوري خطي لاءِ هڪ سنگين خطرو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل ۽ قسم جي مذمت ڪري ٿو، دنيا سياسي فائدن لاءِ دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪندڙ ملڪن جي ڪوڙي بياني کي قبول نٿي ڪري. هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرد حملن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن ۽ اهڙن ڪڌن ڏوهن جي ذميوارن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان نه رڳو پنهنجي لاءِ پر پوري خطي ۽ دنيا لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اسان 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون قربان ڪيون آهن. مائرن، ٻارن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن، سائنسدانن، شهرين ۽ آفيسرن پنهنجيون جانيون قربان ڪيون آهن. وزيراعظم افغانستان کي هڪ ڀائر پاڙيسري ملڪ قرار ڏيندي چيو ته هڪ مستحڪم افغانستان نه رڳو اسان پر سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. اسان افغان قيادت سان لاڳاپا مضبوط ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان افغانستان کي هڪ سٺي پاڙيسري ۽ اقتصادي ڀائيوار طور گڏ کڻي هلي سگهون. اميد آهي ته هي تعاون ۽ ٽي طرفي ملاقاتون مستقبل ۾ لاڀائتا نتيجا ڏينديون. وزيراعظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ بهترين منصوبو آهي ۽ چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) هن وزن جو عملي مثال آهي. هن چيو ته علائقائي رابطا شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن، علائقائي رابطن ۽ اقتصادي انضمام کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ مستحڪم سپلائي چين لاءِ قابل اعتماد زميني، هوائي ۽ ريلوي رستن جي ضرورت آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ شديد برساتن، گلوبل وارمنگ، ڪڪر ڦاٽڻ ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب ڪيتريُون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيُون آهن، انفراسٽرڪچر، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي سخت نقصان پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان ٻوڏ جي صورتحال ۾ عالمي برادري، خاص طور تي چين پاران يڪجهتي جو اظهار ۽ تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسان جا بهادر ۽ ثابت قدم ماڻهو بچاءُ ۽ بحالي جي ڪم ۾ مصروف آهن. اسان ٻوڏ جي آفتن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ نئين اميد جي راهه ڳولي رهيا آهيون. گذريل ڏيڍ سال ۾ پاڪستان جي متاثر ڪندڙ معاشي بحالي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اسان جو معاشي تبديلي جو منصوبو ٽن ٿنڀن تي ٻڌل آهي، واپار، انفراسٽرڪچر، زراعت، آئي ٽي ۽ معدني وسيلن ۾ نئين سيڙپڪاري معاشي تبديلي جو پهريون ٿنڀ آهي، تحقيق ۽ جدت جي حوصلا افزائي معاشي تبديلي جو ٻيو ٿنڀ آهي، جڏهن ته جامع ٽيڪس سڌارن وسيلي ٽيڪسز ۾ اضافو معاشي تبديلي جو ٽيون ٿنڀ آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، انهن کي بامعني روزگار ۽ مثبت موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ناڻي واڌ، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ايس سي او چارٽر سان اڻ ٿڪ وابستگي کي ورجائيندي وزيراعظم چيو ته هو “شنگھائي اسپرٽ” جي اعليٰ قدرن کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو. اڳتي جو سفر ڊگهو ۽ ڏکيو هوندو. ڪڏهن گرم سج، ڪڏهن تيز ٿڌيون هوائون اسان جي همٿ، صبر ۽ عزم کي آزمائينديون، پر اسان جو مقصد اسان کي سڀني مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. ايس سي او ميمبر ملڪن جي ساڍا ٽي ارب ماڻهن لاءِ امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏجي هي سفر جاري رکنداسين. وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن جنگ ۾ اسان کي 152 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪستان جي ڏنل قربانين جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي.