تيانجن– 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان پاڪستان-ايران لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هتي شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات دوران وزيراعظم پاڙيسري مُلڪ ايران سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن لاءِ پاڪستان جي گهري وابستگي کي ورجايو ۽ گڏيل تاريخ، ثقافتي ورثي ۽ عقيدي تي ٻڌل لاڳاپن جي مضبوط بنيادن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پاڪستان-ايران لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر مسعود پيزشڪيان ايران لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي تعريف ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ ايران جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ايران جي صدر جي آگسٽ 2025ع ۾ پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ايراني صدر جي تازي دوري مان تمام گهڻو خوش ٿي، وزيراعظم ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ايران جي عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان جي مُسلسل يڪجهتي ۽ علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ استحڪام لاءِ واحد قابل عمل رستو قرار ڏنو. ايران جي صدر پاڪستان جي مختلف حصن ۾ جاري ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايراني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گھڙي ۾ پاڪستان سان گڏ آهن.