اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنجاب صوبي جي درياهن ۾ پيدا ٿيل شديد ٻوڏ ۽ وڌندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سرنديءَ وارن، فلاحي تنظيمن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن ته جيئن متاثر ڪٽنبن کي فوري رليف فراهم ڪري سگهجي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چناب، راوي ۽ ستلج درياهن ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي رهي آهي ۽ ان سان ٻوڏ وارا وهڪرا ڏکڻ پنجاب طرف وڌي رهيا آهن. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اُتان جي عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ حڪومت جي هدايت تي عمل ڪندي جلد کان جلد محفوظ ماڳن تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن وقت قومي يڪجهتي، عوامي سهڪار ۽ گڏيل هم آهنگي وقت جي اهم ضرورت آهي. مان عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته حڪومتي ادارن سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجي جانين کي محفوظ بنائڻ لاءِ بنا دير محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ٿي وڃن، جڏهن ته سرنديءَ وارا ۽ـ فلاحي تنظيمون پڻ اڳتي وڌي پنهنجي وسيلا ڪتب آڻين ته جيئن غريب ۽ بي سهارا عوام کي ڏُکين حالتن ۾ سهارو ملي سگهي.