اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جي معاملي کي سهڻي نموني اڳتي وڌائڻ لاءِ 30.126 ارب رپين جي ماليت جي فنڊنگ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽيءَ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي منظم ۽ باقائدي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 30.216 ارب رپين جي ضمني فني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي فيصلو يو ايس سي جي قومي خزاني تي پُراڻي مالي بار کي ذميداريءَ سان حل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. ان سان گڏوگڏ حڪومت يو ايس سي جي خاتمي سان متاثر ٿيل ملازمن جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. ان فيصلي ذريعي ملازمن کي بقايائن جي ادائگي، معاوضو ۽ ٻيا حق فراهم ڪيا ويندا ته جيئن اداري جي خاتمي جي سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي. اي سي سي اهو به فيصلو ڪيو ته صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت يو ايس سي جي خاتمي لاءِ مالي ضرورتن کي وڌيڪ حقيقت پسنداڻي انداز ۾ ترتيب ڏي. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته يو ايس سي جا اثاثا ملڪيتن سميت موجوده مالي سال اندر وِڪرو ڪيا ويندا ته جيئن پڄاڻيءَ جا خرچ جزوي طور ان وڪري مان حاصل ٿيل آمدني مان پورا ڪري سگهجن. ڪميٽيءَ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يو ايس سي جي پڄاڻي جو عمل شفاف ۽ منظم انداز ۾ ڪيو وڃي ۽ ملڪيتن جي وڪري سان حاصل ٿيل رقم ذريعي اداري جي ذميدارين کي پورو ڪيو وڃي. منظور ٿيل مالي پيڪيج حڪومت جي ان عزم کي اجاگر ڪري ٿو ته ملازمن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته مالياتي نظم و ضبط به قائم رکيو وڃي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سميت وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.