اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اين ڊي ايم اي پاران ٻوڏ متاثرين کي تنبو ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيون پيون وڃن، سمورا حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن، اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ اطلاع جي نظام سان انخلا جو ڪم آسان ٿيو آهي، نيشنل ريسپانس ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ريليف قدمن کانپوءِ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو ويندو، وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هو ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ شديد برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته گذريل رات پنجاب جي ٽن دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي، اين ڊي ايم اي پنجاب ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي مڪمل طور تي آگاهه رکيو ۽ مسلسل رابطي ۾ رهي. هن چيو ته ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه والا، چناب درياءَ ۾ مرالا ۽ مرالا کان هيڊ خانڪي طرف پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو آهي، خانڪي واري جڳهه تي پاڻي جو وهڪرو 10 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو آهي جيڪو هاڻي قادر آباد طرف وڌي رهيو آهي. مقامي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا کي انخلا جي حوالي سان اين ڊي ايم اي اڳواٽ اطلاع فراهم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته متاثر علائقن ۾ وقت سر اطلاع پهچائڻ جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ واري صورتحال تي اڄ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي، وزيراعظم اڳواٽ اطلاع جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ريليف سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۽ پنجاب صوبي کي گهربل شيون فوري فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي پاران تنبو ۽ ٻيو ضروري سامان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته راوي درياءَ ۾ جسٽر ۽ شاهدره جي صورتحال بهتر آهي جڏهن ته سمورا حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن. صوبائي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي گڏيل طور تي صورتحال کي منهن ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم ان معاملي تي مسلسل آگاهه آهي ۽ اڄ جي اجلاس ۾ ٽنهي دريائن جي صورتحال ۽ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن جي موسمي اڳڪٿي تي پڻ هن بريفنگ ورتي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن چيو ته اڳواٽ اطلاع جو نظام انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ وقت سر انخلا ممڪن ٿيو. اين ڊي ايم اي گذريل ڪيترن ئي هفتن کان صوبن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم اين ڊي ايم اي جي تيارين ۽ صوبن سان ڪوآرڊينيشن جي مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته اهو نيشنل ريسپانس آهي، ان ۾ پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو ويندو ۽ متاثرين جي بحالي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته اهم رخ اهو به آهي ته دريائي علائقن ۾ ماڻهو آباديون قائم ڪري ڇڏين ٿا، ان تي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته دريائي علائقن ۾ اڏاوتن جي اجازت نه ڏني وڃي. قادر آباد جي علائقي ۾ انخلا لازمي آهي ۽ گڏيل ڪوششون جاري آهن. پي ڊي ايم اي کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ صورتحال کي نيشنل ريسپانس تحت ٺوس انداز ۾ ڊيل ڪيو پيو وڃي.