گلگت – 27 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجينيئر امير مقام وزيراعظم جي خاص هدايتن تي ٽن ڏينهن واري سرڪاري دوري تي گلگت پهچي ويو. گلگت ايئرپورٽ تي صوبائي وزير انجينيئر محمد انور، ڪمشنر گلگت سميت اعليٰ سرڪاري اختيارين ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سندس ڀرپور آجيان ڪئي. انجينيئر امير مقام ٽن ڏينهن واري دوري ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڃي امدادي ڪارروائين جو پاڻ جائزو وٺندو، ان موقعي تي هو متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا به پڇندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي لاءِ پرعزم آهي ۽ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. دوري دوران گلگت بلتستان جون اعليٰ سرڪاري اختياريون ۽ وفاقي ادارا انجينيئر امير مقام کي بريفنگ به ڏيندا.