ڪراچي-26 آگسٽ(اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ جي سلسلي ۾ هڪ موسمي الرٽ جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان چوماسي جون تيز هوائون ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي۔ ان سلسلي ۾ 27 کان 29 آگسٽ دوران سنڌ ۾ تيز وسڪاري واري برسات پوڻ جو امڪان آهي۔ جنهن دوران روزمره جي زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي، شهري ٻوڏ، هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ۽ ڪمزور، ڪچن گهرن جي ڇتين، ديوارن، بجليءَ جي ٿمڀن، بل بورڊز، گاڏين ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي۔ عوام، مسافرن ۽ سياحن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو حساس علائقن ۾ غير ضروري اچ وڃ کان پاسو ڪن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي.